طوالع البروج (قلمي نسخو)

طوالع البروج (قلمي نسخو)

طوالع البروج قلمي نسخو

طوالع البروج (قلمي نسخو): فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل هن نسخي جو مصنف نامعلوم آهي. هي ڪتاب نجوم جي علم بابت آهي، جنهن ۾ برجن جي طالعن بابت تفصيلي معلومات ڏنل آهي. نسخو خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي. ڪاتب جي نالي ۽ ڪتابت جي سال بابت معلومات ڪا نه آهي. نسخي جي ابتدا هنن لفظن سان ٿئي ٿي:
بسم الله الرحمان الرحيم هرڪه برستاره حمل
زايد برج آفتاب است درخانه
مريخ و سفيد و سياه... الخ“
اختتام هيئن ٿئي ٿو:
”دستوران سيارنگ و منفعت يا بد
و پيمبر عليه الصلواة والسلام را
در خواب بيند.“
38 صفحن تي مشتمل هن نسخي جي هر صفحي تي 9 سٽون آهن. هي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو